رابطا ڪميٽي جي 5 فيبروري واري پوزيشن بحال ڪئي وڃي: فاروق ستار

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعه - 12اکتوبر 2018, 12:12PM

  • 131
  • سياست
prev next

متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته رابطا ڪميٽي جي 5 فيبروري واري پوزيشن بحال ڪئي وڃي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 13 سيپٽمبر تي رابطا ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏني ۽ ذاتي سبب ٻڌايا، پر اڄ اصل سبب ٻڌائي رهيو آهيان، هن وقت ايم ڪيو ايم جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته رابطا ڪميٽي جلد سمورن ميمبرن کي عزت سان 5 فيبروري واري پوزيشن تي بحال ڪري، 25 جولاءِ تي چونڊن ۾ 1يم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ 17 سيٽن 4 تي پهچايون ويون.

هن جو چوڻ هو ته هڪ فرد مونکي ٽارگيٽ ڪري نقصان پهچايو ۽ هارايو، مونکان 9 نومبر واري پريس ڪانفرنس جو پلاند ورتو ويو، پريس ڪانفرنس ۾ ڪيترين ئي ڳالهين تان پردو کنيو ويو، منهنجي دل سڙي پئي آهي، ڪجهه آهي جنهن تي پردو رکيو پيو وڃي، منهنجو گناهه اهو هو ته پي ايس پي جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، منهنجي ڪوششن سان ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ قائم آهي.

فاروق ستار وڌيڪ چيو ته پارٽي تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي، مڪمل تباهي کان بچڻ لاءِ جيترو جلد ممڪن ٿئي پارٽي ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته خالد مقبول صديقي ڪارڪنن کان مينڊيٽ نه ورتو ۽ حادثاتي طور تي مون کان سربراهي ورتي.

تازہ ترین خبرون