معصوم زينب جي قاتل کي 17 آڪٽوبر تي ڦاهي ڏني ويندي

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعه - 12اکتوبر 2018, 12:24PM

  • 441
  • عدالت
prev next

معصوم زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيا ويا، جنهن تحت جوابدار کي 17 آڪٽوبر تي ڦاهي ڏني ويندي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شيخ سجاد احمد جي روبرو پراسيڪيوٽر عبدالرئوف وٽو دليل ڏنا، جنهن کانپوءِ عدالت جوابدار عمران جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيا.

عدالت مان جاري ڊيٿ وارنٽ موجب جوابدار عمران کي 17  آڪٽوبر تي سينٽرل جيل لاهور ۾ ڦاهي ڏني ويندي ۽ جوابدار کي 21 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم ڏو ويو آهي.

عدالت ڪائنات بتول ڪيس ۾ جوابدار عمران کي 3 ڀيرا عمر قيد ۽ 23 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، کانسواءِ عدالت جوابدار کي 25 لک رپيا ڏنڊ ۽ 20 لک 55 هزار رپيا ديت ڏيڻ جو به حڪم ڏنو.

تازہ ترین خبرون