وزيراعظم هائوس ۾ مينهن جي نيلامي شروع، 2 مينهون وڪرو

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعرات - 27ستمبر 2018, 07:43AM

  • 252
  • طرزِ زندگي ۽ تفريح
prev next

وزيراعظم عمران خان پاران بچت اسڪيم تحت مينهن جي نيلامي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ وزيراعظم هائوس ۾ پهرين مينهن 3 لک 85 هزار رپين ۾ نيلام ٿي.

پهرين  جنگي سيدان جي قلب عباس حيدر خريد ڪئي، ياد رهي ته هڪ مينهن تقريبن 15 ڪلو کير ڏيندي آهي.

تحريڪ انصاف بچم مهم تحت غير ضروري خرچن ۾ گهٽتتائي آڻڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن لاءِ پهرين مرحلي ۾ وزيراعظم هائوس جي استعمال هيٺ لگزري ۽ عام گاڏين جي نيلامي ڪئي وئي ۽ ٻي مرحلي ۾ مينهن جي نيلامي ڪئي پئي وڃي.

وزيراعظم هائوس ۾ موجود 8 مينهن کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويو ته خريدارن شڪايت ڪئي ته مينهن جي ايتري ناهي، جيتري لڳائي وڃي.

مينهن جِي نيلامي دوران خريدارن  ۽ ٻولي لڳائڻ واري عمل دوران ڏند چڪ به ٿي، جنهن تي وزيراعظم هائوس چيو ته کليل ٻولي آهي، جنهن کي مينهن وٺڻي آهي، وٺي، نه ته ڀلي واپس هليو وڃي.

ٻيون خبرون

Back to Top