وزيراعظم سان فاٽا سان واسطو رکندڙ سينيٽرز جي ملاقات

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعه - 12اکتوبر 2018, 03:18PM

  • 543
  • حڪومت
prev next

وزيراعظم عمران خان سان فاٽا سان واسطو رکندڙ سينيٽرز جي وفد وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ سينيٽر سيد شبلي فراز، سينيٽر هدايت الله، سينيٽر هلال الرحمان، سينيٽر اورنگزيب، سينيٽر تاج محمد، سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر حاج مومن خان ۽ سينيٽر مرزا محمد آفريدي شامل هو.

ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته فاٽا جي انضمام واري عمل جي تڪميل ۽ قبائلي علائقن ۾ ملڪ جي ٻين علائقن وانگر سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. حڪومت قبائلي علائقن ۾ لوڪل گورنمينٽ کي لاڳو جلد لاڳو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

ملاقات دوران قبائلي علائقن جي مجموعي صورتحال، فاٽا، انضمام، انتظامي معاملن ۽ ٻين اشوز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام واري عمل جي تڪميل ۽ قبائلي علائقن ۾ ملڪ جي ٻين علائقن وانگر سهولتون جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي نفاذ سان عوام ي صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائڻ ترقياتي عمل کي يقيني بڻائڻ ۾ خاطر خواهه مدد ملندي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته قبائلي علائقن ۾  لوڪل گورنمينٽ جي نفاز کي جلد ممڪن بڻايو وڃي.

تازہ ترین خبرون