نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعه - 12اکتوبر 2018, 06:20AM

  • 62
  • عدالت
prev next

احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ٿي وئي.

تفصيل موجب احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد ارشد ملڪ ڪئي، اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.

استغاثه چيو ته العزيزيه ۾ ثبوت مڪمل ٿيڻ بابت بيان اهي ئي ڏيندا.

معاون وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضيا جو بيان خواجه حارث جي موجودگي ۾ رڪارڊ ڪرائڻ چاهيون ٿا.

تنهن کانپوءِ احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ٿي وئي.
 

تازہ ترین خبرون