وزيراعظم جو ڪوئيٽا ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو اعلان

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعه - 12اکتوبر 2018, 03:14PM

  • 509
  • حڪومت
prev next

وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو.

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ جو وڏو روزگار پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. پاڻي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جنهن تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي. بلوچستان ۾ گهٽ پاڻي سان واڌ ويجهه وارا وڻ لڳائڻ جو ارادو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ راندين ميدان ٺاهڻ جي رٿابندي ڪريون پيا.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد بلوچستان معدني ذخيرن جو وڏو مالڪ آهي. بلوچستان ۾ 4 معدنيات جي ماليت 460 ارب ڊالر آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ ترقي ڏکيو ڪم آهي، جنهن جو واحد حل مڪاني نظام آهي ۽ اهو ئي مسئلن جو حل آهي.

تازہ ترین خبرون