پاڪستان استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي: آرمي چيف

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

جمعه - 12اکتوبر 2018, 12:38PM

  • 150
  • دفاع/فوج
prev next

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان مسلسل استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا برطانوي چيف آف ڊفيند اسٽاف جنرل نڪولسن سان ملاقات ڪئي، جتي آمد تي پاڪ فوج جي سربراهه کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

آرمي چيف ۽ برطانوي چيف آف ڊفينس وچ ۾ ملاقت ۾ خطي جي سڪيورٽي صورتحال ۽ سهڪار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.

تازہ ترین خبرون