ايشيا ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

نيوز ڊيسڪ , بول نيوز

پیر - 24ستمبر 2018, 04:26AM

  • 183
  • رانديون
prev next


ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ميچ ۾ ڀارت شيکر ڌون ۽ روهت شرما جي شاندار شينچرين جي مدد سان پاڪستان کي سولائي سان 9 وڪيٽن تان شسڪت ڏئي ڇڏي

پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي ستن وڪيٽن جي نقصان تي 237 رنز ٺاهيون ۽ ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 238 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي پويان ويندي ڀارت بيٽنگ شروع ڪئي.

ڀارت جي ڪپتان روهت شرما ۽ شيکر ڌون جي شاندار بيٽنگ جي ڪري پاڪستان کي سولائي سان 9 وڪيٽن تان شڪست ٿي وئي. ڪو به پاڪستاني بالر وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. ڀارت جو شيکر ڌون 114 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ڀارتي ڪپتان روهت شرما 111 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.  امباتي رائڊو به 12 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيو.

 

ان کان اڳ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اسڪور بورڊ تي 237 رنز جو اسڪور کي ٺاهي سگهيا. پاڪستان پاران شعيب ملڪ 78 رنز ۽ڪپتان سرفراز احمد 44 رنز ٺاهيون.

 ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد چيو ته دبئي ۾ بيٽنگ سولي نه هئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسڪور 270 يا 280 ڪري وٺي ها ۽ جلدي وڪيٽون وٺي وڃي ها ته ڪجھه ٿئي ها. اسان کي پنهنجواسڪل ليول سٺو رکڻو پوندو. فائنل کيڏڻ لاءِ وڏين ٽيمن کي به هارائڻو پوندو. فائنل کيڏڻ لاءِ ايندڙ ميچ بنگلاديش کان کٽڻو آهي. شيکر ڌون کي شاندار سينچري ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. *

ٻيون خبرون

Back to Top